رانديون

رميز راجا سان فاصلا ختم نھ ٿيا, ڪرڪيٽ جو پروفيسر حفيظ ون ڊي ۽ ٽي 20 تان بھ رٽائرڊ

پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي پروفيسر محمد حفيظ عالمي ڪرڪيٽ ۾ ٽيسٽ بعد ون ڊي ۽ ٽي 20 تان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد حفيظ ان تاثر کي رد ڪيو تھ هن ڪنهن سبب جي ڪري رٽائرمينٽ ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پي سي بي چيئرمين رميز راجا سان سندس پيدا ٿيل فاصلا رٽائرمينٽ تائين ختم نھ ٿي سگهيا آهن ۽ هن جي ساڻس ملاقات رٽائرمينٽ جو اعلان ڪرڻ بعد ئي ٿي آهي. محمد حفيظ چيو تھ پي سي بي کان ڪڏهن بھ شڪايت نھ ڪئي آهي، مان پنهنجي ڪيريئر مان بلڪل مطمئن آهيان، جيستائين فٽ آهيان، ڪرڪيٽ کيڏندو رهندس. هن جو چوڻ هو تھ منهنجو موقف رهيو آهي تھ فڪسرز کي موقعا نھ ملڻ گهرجن، ان وقت جي چيئرمين جي جواب گهڻي تڪليف ڏني، مون کي چيو ويو تھ نٿو کيڏڻ چاهين تھ تنهنجي مرضي اهي تھ کيڏندا. جڏهن تھ مان پنهنجي ڳالهه تي اڄ بھ قائم آهيان. هن چيو تھ رميز راجا جي 2019ع وارن تبصرن سبب ان وقت رٽائرمينٽ وٺڻ جو سوچيو هو، تنقيد ڪندڙن کي ميدان تي جواب ڏنو.

حفيظ جي 18 ورهين واري ڪيريئر جي پڄاڻي، ساٿين خراج تحسين پيش ڪيو

پاڪستاني ڪرڪيٽر محمد حفيظ جو 18 سالن تي ٻڌل ڪرڪيٽ جو ڪيريئر پڄاڻي تي پهچڻ بعد کيس ساٿي ڪرڪيٽرن زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ميڊيا مطابق ڪپتان بابراعظم، شاداب خان، عمر گل، آصف علي، وهاب رياض ۽ ٻين حفيظ کي ساراهيندي اميد ڏيکاري تھ رٽائرمينٽ جو فيصلو سندس حق ۾ بهتر ثابت ٿيندو.

رميز ۽ حفيظ وچ ۾ 2019ع کان ملاقات نھ ٿي، رٽائرمينٽ بعد ملي سگهيا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا ۽ آل رائونڊر وچ ۾ 2019ع کان ملاقات نھ ٿي هئي، جيڪا ڪالهه رٽائرمينٽ وٺڻ بعد ٿي سگهي آهي. ميڊيا مطابق رميز راجا 2019ع ۾ ورلڊ ڪپ کان اڳ بيان ڏنو هو تھ محمد حفيظ ۽ شعيب ملڪ کي هاڻ رٽائرمينٽ وٺڻ گهرجي، جنهن تان ٻنهي ۾ تڪرار ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button