رانديون

پي سي بي ايوارڊز 2021ع جي نامزدگين جو اعلان

پي سي بي ايوارڊز 2021ع جي نامزدگين جو اعلان ڪندي مڪمل فهرست جاري ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ تيز بالر شاهين شاهه آفريدي ٽي 20، ون ڊي، ٽيسٽ سميت 5 ڪيٽيگرين ۾ نامزد ٿيو آهي، جن ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي ۽ قيمتي پليئر جي ڪيٽيگري بھ شامل آهي. جڏهن تھ محمد رضوان، بابراعظم، حسن علي، فواد عالم، حارث رئوف، پليئر آف دي ايئر، متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي، قيمتي پليئر سميت ڪيترين ئي ڪيٽيگرين ۾ نامزد ڪيا ويا آهن. اهڙي ريت ايمرجنگ ۾ شاهنواز ڏاهاڻي، وسيم جونيئر، ارشد اقبال ۽ اعظم خان شامل آهن. ويمنز ۾ عاليا رياض، انعم امين، فاطما ثنا، ندا ڊار نامزد ٿيون، ڊوميسٽڪ ۾ آصف آفريدي، افتخار احمد، محمد هريرا، صاحبزادا فرحان ۽ طيب طاهر ايوارڊ ۾ نامزد ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button