رانديون

سنڌ جي وڏي وزير سان رميز راجا جي ملاقات، حيدرآباد ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي تي غور

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان پي سي بي چيئرمين رميز راجا سي ايم هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ وڏي وزير کيس چيو آهي تھ مان حيدرآباد ۾ ڪرڪيٽ بحال ڪرڻ چاهيان ٿو. ميڊيا مطابق وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ پي سي بي چيئرمين رميز راجا سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي ٽيلنٽ جي هجڻ جو اعتراف ڪيو ۽ کيس مڪمل سهڪار جي خاطري ڏني آهي. وڏي وزير ڳالهائيندي چيو تھ حيدرآباد ۾ بهترين اسٽيڊيم آهي، اتي رڳو هوٽل جو مسئلو آهي، تنهنڪري ڪرڪيٽ هتي آڻڻ سان تمام وڏو ٽيلنٽ ملندو. هن چيو تھ سکر ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس ٺاهيو پيا، اتي ڪرڪيٽ جا 2 اسٽيڊيم ۽ فٽبال جو گرائونڊ هوندو، ان جي تعمير ۾ پي سي بي فني ماهر ڏئي. هن چيو تھ اسين ڪرڪيٽرن کي بائي ايئر آڻڻ گهرون ٿا، ان ۾ پي سي بي جو سهڪار کپي ٿو. رميز راجا جو چوڻ هو تھ لاڙڪاڻي مان شاهنواز ڏاهاڻي، حيدرآباد ۾ زاهد حسين ۽ ٻين علائقن مان بھ بهترين ڪرڪيٽر سامهون آيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button