بنگلاديش جي بالر عبادت حسين چوٿين ڏينهن واري راند ۾ خطرناڪ بالنگ ڪرائي نيوزيلينڊ جي بيٽرن جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن، جيڪي 147 رنسن تي 5 وڪيٽون وڃائي ويٺا آهن. ميڊيا مطابق بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگ ۾ 458 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ ڪالهوڪي راند ۾ مهدي حسن 47 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو آهي. جڏهن تھ ٻي اننگ ۾ نيوزيلينڊ جي بيٽنگ لائين ڏکيائين جو شڪار نظر آئي آهي، جن مان ول ينگ 69 رنسن سان نمايان رهيو. جڏهن تھ ڪپتان ٽام ليٿم 14، ڊيون ڪونوي 13 رنسون ٺاهيون ۽ هينري نڪولس ۽ ٽام بلينڊن ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا. راند ختم ٿيڻ تائين نيوزيلينڊ کي 17 رنسن جي برتي حاصل ٿي هئي. جڏهن تھ روس ٽيلر 37 رنسن ۽ راچن رويندر ٻڙي سان پچ تي موجود آهن. اهڙي ريت بنگلاديش جي عبادت حسين ڪيويز کي تڳڻ نھ ڏنو ۽ 17 اوورن ۾ 39 رنسون ڏئي 4 آئوٽ ڪري ڇڏيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close