رانديون

آسٽريليا جوڪووچ جي ويزا رد ڪري ڇڏي، عدالت وڃڻ جو فيصلو

سربيا سان تعلق رکندڙ عالمي نمبر هڪ ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ جي ويزا رد ڪري ڇڏي آهي، جنهن اهڙي فيصلي خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا مطابق ڪرونا پابنديون ٽوڙڻ سبب ٽينس جي عالمي نمبر هڪ نواڪ جوڪووچ جي ويزا رد ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ ناوڪ جوڪووچ ٽينس ايونٽ ۾ شرڪت خاطر سڊني ۾ پهتو تھ اختيارين کيس روڪي ڇڏيو، جتي ويڪسين ٿيل نھ هجڻ سبب کائنس 8 ڪلاڪ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جنهن سندس بعد ويزا رد ڪئي وئي ۽ ڊي پورٽ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي. هوڏانهن نواڪ جوڪووچ آسٽريليا بدر ڪرڻ واري فيصلي خلاف عدالت ۾ وڃڻ جي مد ۾ مشُورا ڪيا آهن، تھ جيئن ڊي پورٽ جي عمل کي روڪي سگهجي.

سربين وزيراعظم جوڪووچ کي آسٽريليا ۾ روڪڻ غلط سلوڪ قرار ڏنو

آسٽريليا جي اختيارين پاران ٽينس اسٽار نواج جوڪووچ جي ويزا رد ڪرڻ کي ساڻس غلط رويو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سربيا جي صدر جاري ڪيل بيان ۾ نواڪ جوڪووچ کي انصاف ڏيارڻ خاطر قانوني ويڙهه جو اعلان پڻ ڪيو. هوڏانهن آسٽريليا جي صدر چيو آهي تھ قانون تي عمل ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button