رانديون

بگ بيش ميچ ۾ رينيگيڊز هٿان بيرسبين کي شڪست

بگ بيش ليگ جي جاري مقابلن ۾ رينيگيڊز جي ٽيم 5 وڪيٽن تان برسبين هيٽ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق برسبين هيٽ پهرين کيڏندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 128 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ رينيگيڊز جي ٽيم 15 اوورن ۾ هدف پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪئي آهي. برسبين ۾ شامل پاڪستاني بيٽر فخر زمان رڳو 3 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو آهي. هوڏانهن ميلبورن اسٽارز جا 3 ڪرڪيٽر ڪرونا ۾ مبتلا هجڻ ڪري اڄ ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز سان ميچ ملتوي ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button