
طالبان جي حڪومت ڪابل ۾ ڇوڪرين جي راندين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق عمارات اسلامي جي هدايتن تحت افغانستان ۾ عورتن جي اسپورٽس ڪلبن ۾ عورتن جي ورزش جا ڪلب بھ بند ڪيا ويا آهن، جنهن سبب تائي ڪوانڊو ۽ جبل چاڙهن جي ڪوچ طاهرا سلطاني بھ پابندي جي ور چڙهيل آهي. هن جو چوڻ آهي تھ طالبان جي اچڻ بعد ورزش نٿي ڪري سگهي. ڪابل جي اسپورٽس ڪلب جي مالڪن جو چوڻ آهي تھ اسان کي فٽنيس کي ڇڏي عورتن جي باقي راندين تي پابندين جا حڪم مليا آهن. هوڏانهن طالبان حڪومت جي بيان ۾ چيو ويو آهي تھ عورتن کي اسلامي قدرن ۽ افغان ثقافت تحت راندين جي اجازت آهي.