رانديون

ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ سلو اوور ريٽ تي پينلٽي جو قانون متعارف

آئي سي سي ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ سلو اوور ريٽ تي پينلٽي ۽ پاڻي جي وقفي جو قانون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جيڪو 16 جنوري کان لاڳو ڪيو ويندو. ميڊيا مطابق آئي سي سي جي گورننگ باڊي جي اجلاس ۾ نئين قانون جي منظوري ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ آئي سي سي مختصر فارميٽ واري ڪرڪيٽ ۾ پليئنگ ڪنڊيشنز ۾ تبديلي آندي آهي. منظور ڪيل نئين قانون تحت مرد ۽ عورتن وارين ٽي 20 ميچن دوران هاڻ سلو اوور ريٽ تي پينلٽي جي سزا لڳندي. جڏهن تھ سلو اوور ريٽ تي رانديگر ميچ جي باقي اوورن 30 يارڊز جي دائري ۾ فيلڊنگ ڪندا. گورننگ باڊي ۾ اننگ ۾ پاڻي جي وقفي جو آپشن ۾ منظور ڪيو ويو آهي، جيڪو 2 منٽ 30 سيڪنڊ يا ان کان وڌيڪ بھ ٿي سگهي ٿو. آئي سي سي موجب نئون قانون 16 جنوري کان لاڳو ٿي ويندو. جڏهن تھ نئين قانون تحت پهرين ميچ ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button