رانديون

بگ بيش ۾ هريڪينس ۽ ٿنڊرز ميچون کٽي ورتيون

بگ بيش ليگ جي اهم ميچن ۾ هوبارٽ هريڪينس ۽ سڊني ٿنڊرز پنهنجون پنهنجون ميچون کٽي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق پهرين ميچ ۾ برسبين هيٽ 144 رنسون ٺاهيون ۽ سندس 8 بيٽر آئوٽ ٿيا. جڏهن تھ هوبارٽ هريڪينس اهو هدف 17 اوور ۾ پورو ڪري ڪاميابي ماڻي آهي. هوڏانهن ٻي ميچ ۾ سڊني ٿنڊرز 7 وڪيٽن تي 209 رنسون ٺاهيون، جن ۾ ڊينيل سيمس 8 ڇڪن ۽ 7 چوڪن سان 98 رنسن تيب ناٽ آئوٽ رهيو. ميلبورن رينيگيڊز جا رانديگر 80 تي آئوٽ ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button