رانديون

خواجا جي وري سنچري، آسٽريليا 388 جو هدف ڏئي انگلينڊ کي ڏکيائين ۾ وجهي ڇڏيو

ايشز ۾ آسٽريليا پنهنجي بيٽر عثمان خواجا جي وري سنچري اسڪور ڪرڻ بعد چوٿين ٽيسٽ تي پنهنجي پڪڙ مضبوط ۽ انگلينڊ کي 388 رنسن جو هدف ڏئي ڏکيائين ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سڊني ۾ چوٿين ٽيسٽ جي چوٿين ڏهاڙي تي آسٽريليا 6 وڪيٽن تي 265 رنسون ٺاهي اننگ ڊڪليئر ڪئي آهي. جڏهن تھ سندس ٻيٽر مارڪس هيريس 27، ليبوشين 29، اسٽيوسميٿ 23، ڪيمرون گرين 74 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي آئوٽ ٿيا. اهڙي ريت عثمان خواجا 101 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ هن ٻنهي اننگس ۾ سنچري ٺاهيندڙ آسٽريلوي ڪرڪيٽرن ۾ نالو لکرائي ورتو آهي. انگلينڊ جي ٽيم ٻي اننگ ۾ 30 اسڪور ڪيو آهي ۽ راند ختم ٿيڻ تائين سندس ڪوبھ بيٽر آئوٽ ناهي ٿيو. جڏهن  تھ مٿس اڃا بھ 358 رنسن جي برتري رهيل آهي. ان کان اڳ انگلش بالر جيڪ ليچ آسٽريليا جي بيٽرن جون 4 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button