رانديون

افغان انڊر 19 ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي

افغانستان جي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت شڪ ۾ پئجي وئي آهي، ڇوتھ ڪرڪيٽرن کي ويزا جاري نھ ٿي سگهيا آهن. ميڊيا مطابق ويسٽ انڊيز ۾ شيڊول انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي افغان اسڪواڊ کي ويسٽ انڊيز جي اميگريشن اختيارين اڃا تائين ويزا جاري نھ ڪئي آهي. هوڏانهن آئي سي سي ٽيم کي ويز ڏيارڻ جي حوالي سان ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون. جڏهن تھ افغان ٽيم جي نھ پهچڻ سبب ٻن ڏينهن واريون وارم اپ ميچون بھ معطل ڪيون ويون آهن. ياد رهي تھ ايونٽ 14 جنوري کان شروع ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button