رانديون

نيوزيلينڊ جي 521 رنس تي اننگ ڊڪليئر، بنگلاديشي بيٽر 126 تي آئوٽ

نيوزيلينڊ جي ڪپتان ٽام ليٿم جي ڊبل ۽ ڊيون ڪانوي جي سنچري بعد 521 رنسن جي جبل جيڏو اسڪور ٺاهي 6 وڪيٽن تي اننگ ڊڪليئر ڪئي وئي، موٽ ۾ بنگلاديشي بيٽر واري جو ڍير ثابت ٿيا. ميڊيا مطابق ڪرائيسٽ چرچ جي ميدان تي جاري ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن واري راند ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ٽام ليٿم جارحاڻي راند کيڏندي 34 چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 252 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. جڏهن تھ ڊيون ڪانوي 109 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. اهڙي ريت ٽام بلينڊل 57 ۽ روز ٽيلر 28 رنسن تي نمايان رهيا. جڏهن تھ بنگلاديش جي ٽيم جواب ۾ پهرين اننگ ۾ ڪيوي بالرن آڏو ڪابھ مزاحمت نھ ڪري سگهي سڄي ٽيم 126 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، رڳو ياسر 55 ۽ نورالحسن 41 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن تھ 9 بيٽر تھ ڊبل فگر ۾ داخل نھ ٿي سگهيا آهن. نيوزيلينڊ جي ٽرينٽ بولٽ 5 وڪيٽون وٺي ڪيريئر جون 300 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون ۽ ٽم سائودي 3 بيٽر آئوٽ ڪيا. بنگلاديش جي 126 رنسن تي آئوٽ ٿيڻ بعد مٿن 395 رنسن جي برتري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button