رانديون

لٽن داس جي سنچري ڪم نھ آئي/نيوزيلينڊ هٿان بنگلاديش کي ٻي ٽيسٽ ۾ شڪست، حساب برابر

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم مهمان بنگلاديشي اسڪواڊ کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي آهي ۽ ائين انهن پهرين ٽيسٽ وارو حساب پڻ برابر ڪيو آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش جي ٽيم فالوآن جو شڪار ٿيڻ بعد بھ ٻي اننگ ۾ بھ ٻوٽو نھ ٻاري سگهي، سمورا بيٽر 278 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ لٽن داس جون 102 رنسون پڻ ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ ڪم نھ اچي سگهيون آهن. ان کان اڳ ٻي اننگ ۾ بنگلاديشي بيٽرن مان شادمان اسلام 21، محمد نائم 24، نجم الحسن شنٽو 29، ڪپتان مومن الحق 37، نورالحسن 36 رنسون ٺاهي نمايان رهيا آهن. اهڙي نموني سان نيوزيلينڊ جي 395 رنسن جي پهاڙ کي جهاڳڻ جي ڪوشش ۾ بنگلاديشي ٽيم اننگ ۽ 117 رنسن تان ميچ هارائي وئي. جڏهن تھ نيوزيلينڊ جي بالرن ڪائلي جيميسن 4 ۽ نيل واگنر 3 بنگالي بيٽر آئوٽ ڪري راند ٽن ڏينهن ۾ ختم ڪئي، ٽم سائودي ۽ روز ٽيلر 1،1 بيٽر آئوٽ ڪيا آهن. راند جي پڄاڻي تي ڊيوڊ ڪانوي کي ٻنهي ٽيسٽ ميچن ۾ 244 رنسون ٺاهڻ تي پليئر آف سيريز ۽ ٽام ليٿم 252 رنسن ۽ 6 ڪيچ پڪڙڻ تي پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button