رانديون

آئرلينڊ جا 3 وڌيڪ ڪرڪيٽر ڪرونا ۾ مبتلا، ميچ ملتوي

آئرلينڊ ۽ ويسٽ جي ٻي ون ڊي ميچ ڪرونا جا وڌيڪ 3 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ملتوي ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪرونا جا تازا ڪيس آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ اسڪواڊ ۾ ظاهر ٿيا آهن، جن ۾ 2 زخمي رانديگر پڻ شامل آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ آئرلينڊ جي ٽيم جو ڪپتان اينڊي بالبريني، وڪيٽ ڪيپر لورڪن ٽڪر ۽ هيڊ ڪوچ ڊيوڊ رپلي جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي، جنهن بعد سڀاڻي واري ون ڊي کي ختم ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ سيريز جاري رکڻ جو فيصلو ٻن ڏينهن ۾ متوقع آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button