رانديون

ڏکڻ آفريقا آخري ٽيسٽ ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

ڏکڻ آفريقا آخري ٽيسٽ ڀارت کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي، جنهن ۾ ڀارت پهرين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ماڻي. جڏهن تھ ڏکڻ آفريقا پويون ٻھ ٽيسٽ کٽي سيريز ۾ فتح حاصل ڪئي آهي. ميڊيا مطابق ڪيپ ٽائون ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقي بيٽرن 212 رنسن جو هدف ماڻي ڀارت کي 7 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ ٻي اننگ ۾ ڀارت جي 212 رنسن جي هدف پويان کيڏندي ويسٽ انڊيز جا ايڊن مارڪرم 16، ڊين ايلگر 30 ۽ ڪيگن پيٽرسن 82 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ  ٽيمبا بائوما 32 ۽ ريسي وان ڊر ڊوسين 41 ٺاهي فيصلائتيون رنسون ڪيون ۽ ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي. ڀارت جي ٽيم پهرين اننگ ۾ 223 ۽ ٻي اننگ ۾ 198 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ ويسٽ انڊيز پهرين اننگ ۾ 210 ۽ ٻي اننگ ۾ 212 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهي. ويسٽ انڊيز جو بيٽر ڪيگن پيٽرسن پهرين اننگ ۾ 72 ۽ ٻي اننگ ۾ 82 رنسون ٺاهي پليئر آف دي ميچ ۽ مجموعي طور 276 رنسون ٺاهڻ تي پليئر آف دي سيريز جا اعزاز حاصل ڪري ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button