رانديون

آخري ٽيسٽ ۾ ٽريوس هيڊ جي سنچري سان آسٽريليا جون 241 رنسون، 6 بيٽر آئوٽ

ايشز سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا پهرين بيٽنگ ڪندي پهرين اننگ ۾ پهرين ڏينهن 6 وڪيٽن جي نقصان تي 241 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. جڏهن تھ ٽريس هيڊ 101 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو آهي. اوپنرن ۾ عثمان خواجا 6 ۽ ڊيوڊ وارنر ٻڙي تي پويلين موٽي ويا، ڪيمرون گرين ، مارنس ليبوشين 44، اسٽيو سمٿ ٻڙي تي آئوٽ ٿيا. جڏهن تھ مچل اسٽارڪ ۽ ايلڪس ڪيري پچ تي موجود آهن. انگلينڊ جي بالرن مان اسٽورٽ براڊ، اولي رابنسن 2،2، ووڪس ۽ مارڪ ووڊ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button