رانديون

انگلينڊ پنجين ٽيسٽ ۾ ڏکيائين جو شڪار، 188 رنسن تي ڍير

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ايشز سيريز جي پنجين ٽيسٽ ۾ ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن جا بيٽر پهرين اننگ ۾ 188 رنسن تي ڍير ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق پنجين ٽيسٽ جي ٻئي ڏهاڙي آسٽريليا 62 رنسن جو اضافو ڪري 303 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا آهن، سندس بيٽرن مان ايلڪس ڪيري 24، مچل اسٽارڪ 3، پيٽ ڪمنز 2 ۽ نيٿن ليان 31 رنسون ٺاهي پويلين واپس ٿيا. جڏهن تھ 6 وڪيٽون هڪ ڏينهن اڳ ويون هيون. انگلينڊ جا بيٽر 188 رنسون ٺاهي سگهيا، سندس بيٽرن مان ڪرس ووڪس 36، جوئي روٽ 34، سيم بلنگ 29، ڊيوڊ ملان 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ زيڪ ڪرائولي 18، بين اسٽوڪس 4 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا جي بالرن پيٽ ڪمنز 4 ۽ مچل اسٽارڪ 3 وڪيٽون ورتيون، آسٽريليا ٻي اننگ ۾ عثمان خواجا، ڊيوڊ وارنر ۽ مارنس ليبوشين جون وڪيٽون وڃائي 37 رنسون ٺاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button