رانديون

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم 145 سالن جو منفرد رڪارڊ ماڻي ورتو

ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريقا هٿان شڪست باوجود 145 سالن جي تاريخ جو انتهائي منفرد رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا خلاف ٽين ٽيسٽ ۾ ڀارتي ٽيم 20 وڪيٽون رڳو ڪيچ ڏئي وڃايون ۽ سندن ڪوبھ بيٽر بولڊ يا اسٽمپ نھ ٿي سگهيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڀارت ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 145 سالن جي تاريخ ۾ ڪيچ ڏئي 20 وڪيٽون ڏيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي آهي. ياد رهي تھ ڀارتي ٽيم جو ڪپتان ويرات ڪوهلي بھ ڏکڻ آفريقا هٿان شڪست بعد ڪپتاني تان استعيفا ڏئي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button