رانديون

جوڪووچ جي اپيل رد، آسٽريليا بدر ڪرڻ جو حڪم

سربيا سان تعلق رکندڙ عالمي نمبر ون ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ جي آسٽريلوي فيڊرل ڪورٽ ويزا جي معطلي خلاف داخل ڪرايل اپيل رد ڪري ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق فيڊرل ڪورٽ نواڪ جوڪووچ کي دستياب پهرين فلائيٽ ۾ ڊيپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي. جڏهن تھ نواڪ جوڪووچ عدالتي فيصلي بعد ٽينس ٽورنامينٽ مان بھ نڪري ويو آهي. هوڏانهن ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ نواڪ جوڪووچ چيو آهي تھ عدالتي فيصلي سان مايوس ٿيو آهيان، هاڻ مان ٽورنامينٽ ۾ نھ کيڏي سگهندس، پر عدالت جو احترام ڪيان ٿو ۽ ان جي هدايتن تحت عملدارن سان سهڪار ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button