رانديون

ڪراچي ۾ ڪرونا جي شدت، پي ايس ايل جو ٿيڻ چيلنج قرار

پاڪستان سپر ليگ سيز 7 کي ڪراچي ۾ ڪرونا ڪيس ۾ شدت اچڻ بعد منعقد ڪرائڻ چيلنج بڻجي ويو آهي، جنهن تي اختيارين مشُورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق ڪراچي شهر ۾ ڪرونا جي پکيڙ وڌي 40 سيڪڙو جي ويجهو پهتي، جنهن سبب انتظاميا پريشان ٿي وئي آهي. جڏهن تھ اين سي او سي جي امڪاني پابندين ۽ تماشائين کي آڻڻ بابت بھ موجهارا ٿي رهيا آهن، پر اڄ رٿيل اجلاس ۾ صورتحال واضع ٿي ويندي. ذريعن موجب ڪراچي بدران لاهور ۾ ٽورنامينٽ جون سموريون ميچون ڪرائڻ تي غور شروع ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button