سڊني: آسٽريلوي ٽيم جو حصو بڻيل پاڪستاني ڄائي بيٽسمين عثمان خواجه به ٽيم جي شراب پيئڻ ڇڏي ڏيڻ ۽ فتح جي خوشي ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي. انگلينڊ خلاف ايشز سيريز جي فتح جو جشن ملهائڻ واري آسٽريلوي ٽيم جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز ٽيم جي ميمبرن کي شراب پيئڻ کان روڪيو ۽ عثمان خواجه کي ٽرافي سان گڏ فوٽو سيشن ۾ شامل ڪيو.
ان معاملي تي عثمان خواجا به سوشل ميڊيا تي رد عمل ڏنو آهي. پاڪستاني ڄائي آسٽريلوي بيٽسمين چيو ته “هن وڊيو کي ڏسڻ کانپوءِ، توهان کي ائين نه ٿو لڳي ته ڇوڪرا منهنجي سپورٽ ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ائين نه آهي ته مون کي خبر ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي”. آسٽريلوي بيٽر جو چوڻ هو ته ٽيم پنهنجي معمول جي شراب پارٽي ڇڏي ڏني هئي ته جيئن مان خوشيءَ سان ساڻن شريڪ ٿي سگهان. عثمان خواجا چيو ته راند دوران اسان جا قدر اهم هوندا آهن ۽ مان محسوس ڪري رهيو آهيان ته اسان صحيح رخ ۾ وڃي رهيا آهيون.