رانديون

شاهد آفريدي فلاحي ڪمن لاءِ افغانستان وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسٽار آل رائونڊر ۽ ڪپتان شاهد خان آفريدي فلاحي ڪمن لاءِ افغانستان وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي قومي رانديگر چيو آهي ته عالمي شهرت رکندڙ شاهد خان آفريدي فائونڊيشن افغانستان ۾ به فلاحي ڪمن لاءِ خدمتون ڏيڻ چاهي ٿي، فائونڊيشن ان حوالي سان افغان حڪومت جي سڏ تي مثبت جواب ڏنو آهي.

سوشل ميڊيا رپورٽن موجب شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته هو افغانستان وڃڻ لاءِ دستاويزن جو انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ پاڪستان ۾ افغان سفارتخاني سان رابطي ۾ آهيان. ٻئي طرف شاهد خان آفريدي ٽوئيٽر تي شاهد آفريدي فائونڊيشن جو هڪ ٽوئيٽ شيئر ڪيو. شاهد آفريدي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته مصيبت جي وقت ڪمزورن جي مدد ڪرڻ تمام ضروري آهي. آل رائونڊر هڪ ٽوئيٽ ۾ افغانستان ۾ شاهد خان آفريدي فائونڊيشن جي امدادي ڪمن تي به خوشي جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button