رانديون

ڪرونا سبب نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو آسٽريلوي دورو ملتوي

آڪلينڊ: عالمي وبا ڪرونا وائرس سبب نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو آسٽريليا جو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي 24 جنوري کان 9 فيبروري تائين آسٽريليا جو دورو ڪرڻو هو، جنهن ۾ ٽي ون ڊي ۽ هڪ ٽي-ٽوئنٽي ميچ شامل هئي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪرونا سبب آسٽريليا جو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي.

آسٽريليا ڪرڪيٽ بورڊ به سيريز ملتوي ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته ٻئي بورڊ مشاورت سان سيريز جي نئين تاريخن جو فيصلو ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button