رانديون

ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ميلبورن: ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. عرب ميڊيا موجب ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 2022 جو ٽينس سيزن سندس ڪيريئر جو آخري سيزن هوندو. ثانيه مرزا آسٽريلين اوپن جي وومينز ڊبلز ايونٽ جي پهرئين ئي رائونڊ ۾ شڪست کانپوءِ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ثانيه مرزا چيو ته ريٽائرمينٽ جو فيصلو آسان نه هو پر ان جا ڪجهه سبب آهن.

تمام گهڻو سفر ڪرڻ منهنجي 3 سالن جي پٽ لاءِ سٺو ناهي ۽ اهو مون لاءِ تمام ضروري آهي. منهنجي فٽنيس به گهٽجي رهي آهي ۽ مان سمجهان ٿي ته منهنجي بحالي ۾ گهڻو وقت لڳندو. ثانيه مرزا 6 گرانڊ سلم ٽائيٽل کٽي چڪي آهي جڏهن ته هوءَ ڊبليو ٽي اي ڊبلز رينڪنگ ۾ به پهرين نمبر تي آهي. ثانيه مرزا پهرين ڀارتي رانديگر آهي، جنهن ڊبليو ٽي اي سنگلز رينڪنگ ۾ ٽاپ 30 ۾ جاءِ ٺاهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button