ميلبورن: پاڪستاني ٽينس اسٽار اعصام الحق آسٽريلين اوپن جي ٻئي رائونڊ ۾ هارائي ويو آهي. ميلبورن ۾ هلندڙ سال جي پهرين گرانڊ سلم آسٽريلين اوپن ۾ اعصام الحق ۽ سندس ساٿي اليگزينڊر جو مقابلو آمريڪا جي مارڪوس ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ڪون سون سان ٿيو. اعصام الحق ۽ اليگزينڊر پهريون سيٽ 1-6 تان کٽي ورتو پر ٻئي سيٽ ۾ مخلاف جوڙي 3-6 تان ڪامياب رهي.
ٽئين سيٽ ۾ زبردست مقابلي کانپوءِ مارڪوس ۽ ڪان سون 6-7 تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، شڪست کانپوءِ پاڪستاني ٽينس اسٽار جو آسٽريلين اوپن ۾ سفر ختم ٿي ويو. ان کان اڳ اعصام الحق ميلبورن اوپن جي فائنل ۾ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو، جڏهن ته سڊني اوپن جي ڪوارٽر فائنل ۾ هارائي ويو هو.