ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز پشاور زلمي جي ڪپتان وهاب رياض ۽ حيدر علي جو ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي. ياد رهي ته پي ايس ايل-7، 27 جنوري کان شروع ٿيندو ۽ 27 فيبروري تائين جاري رهندو. هوڏانهن ايونٽ جو پهريون مرحلو ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ قومي ۽ عالمي رانديگرن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.
ايونٽ جا 15 ميچ ڪراچي ۽ 19 ميچ لاهور ۾ کيڏيا ويندا. گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پشاور زلمي جي ٻن ٻين رانديگرن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ جي تصديق ڪئي هئي. پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب پشاور زلمي جي ڪامران اڪمل ۽ ارشد اقبال جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو آئي هئي.