ڪراچي: سوئنگ جو سلطان ۽ اڳوڻو ليجنڊ ڪرڪيٽر وسيم اڪرم به ڪرونا وائرس جو شڪار ٿي ويو. ذريعن موجب پي ايس ايل جي ٽيم ڪراچي ڪنگز جي صدر وسيم اڪرم ڪرونا جي رپورٽ مثبت اچڻ کانپوءِ پاڻ کي قرنطينه ڪري ورتو آهي. وسيم اڪرم جو چوڻ آهي ته هو ٺيڪ آهي، مڪمل پروٽوڪول جو خيال رکي رهيو آهيان. ڪراچي ڪنگز جي صدر نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ تي مداحن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ مداحن کي اپيل ڪئي ته هو کيس دعائن ۾ ياد رکن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close