رانديون

آسٽريلين ٽيم هڪ ئي جڳهه تي 3 ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جي خواهشمند

سڊني: آسٽريلين ڪرڪيٽ بورد پاڪستان جي دوري جي تيارين جي تصديق ڪندي سريلنڪا خلاف ٽي-ٽوئنٽي سيريز ۾ ٻن وڏن رانديگرن کي آرام ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته ڊيوڊ وارنر ۽ مچل مارش پاڪستان جي دوري سبب سريلنڪا خلاف ٽي-ٽوئنٽي سيريز کان ٻاهر ٿي ويا آهن. ٻئي طرف آسٽريلين ڪرڪيٽ ٽيم هڪ ئي جڳهه تي 3 ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جي خواهش ڏيکاري ڇڏي آهي.

آسٽريلوي ميڊيا موجب آسٽريلين ٽيم ٽئي ٽيسٽ ميچون هڪ ئي هنڌ کيڏڻ چاهي ٿي ۽ ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهيون جاري آهن. رپورٽ موجب ٽيسٽ ميچن کي هڪ هنڌ تي ڪرائڻ جو سبب صحت ۽ سيڪيورٽي آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 3 مارچ کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ راولپنڊي ۽ ٽين لاهور ۾ کيڏي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button