واپڊا وهاب رياض، ڪامران اڪمل ۽ صهيب مقصود سميت 13 ڪرڪيٽرن جي نوڪري ختم ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق واپڊا نوڪرين مان فارغ ڪيل 13هن ئي قومي رانديگرن بابت نوٽيفڪيشن بھ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ موقف اختيار ڪيو آهي تھ اوهان سان ٽن سالن جو ڪانٽريڪٽ ڪيو ويو هو، جيڪو مڪمل ٿي ويو آهي، هاڻ اوهان جون خدمتون گهربل ناهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ 13 ڊسمبر 2021ع ۾ واپڊا اسپورٽس جي فيصلي جي روشني ۾ ڪرڪيٽرن جي نوڪري ختم ٿي، جنهن تي عمل 25 جنوري تي ٿيو، جنهن بعد اسپيشل ڪانٽريڪٽ تي رکيل 13 ئي ڪرڪيٽرن کي سندن ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ جو پڻ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ خصوصي وظيفو حاصل ڪندڙ جهانزيب عبداللھ جو وظيفو پڻ روڪيو ويو آهي. نوڪريون وڃائيندڙن ۾ وهاب رياض، ڪامران اڪمل، صهيب مقصود، سلمان بٽ، ارشد اقبال ۽ صديق مهدي شامل آهن. جڏهن تھ محمد آصف، زاهد منصور، سهراب خان، شاهد طارق، احسان عادل ۽ مهندر پال شامل آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close