
بگ بيش ليگ جي فائنل ۾ پرٿ اسڪارچرز 79 رنسن تان سڊني سڪسرز کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق پرٿ اسڪارچرز جي ٽيم پهرين کيڏندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ هدف جي موٽ ۾ سڊني سڪسرز جي سڄي ٽيم 17 اوورن ۾ 92 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي. ايونٽ جي پڄاڻي تي بين مڪ ڊيموٽ 577 رنسون ٺاهڻ تي پليئر آف ٽورنامينٽ ۽ لوري ايوانس 76 رنسن سان پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.