رانديون

ملتان سلطانز 5 وڪيٽن تان لاهور قلندر کي شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان سپر ليگ سيزن 7 جي رائونڊ ميچ ۾ ملتان سلطانز 5 وڪيٽن تان لاهور قلندر کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد ملتان سلطان لاڳيتو ٻي ميچ کٽي ڪاميابي جو سلسلو جاري رکيو آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ جاري پي ايس ايل مقابلن جي رائونڊ ميچ ۾ لاهور قلندر پهرين بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 206 رنسون ٺاهي جبل جيڏو هدف ڏنو، جنهن ۾ فخر زمان 76 ۽ ڪامران غلام 43 رنسن سان نمايان رهيا، اسد شفيق 24، حفيظ 16 رنسون ڪيون. جڏهن تھ ملتان سلطانز جي بالرن شاهنواز ڏاهاڻي، ڊيوڊ ولي، عمران طاهر، احسان اللھ ۽ خوشدل شاهه هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. جڏهن تھ 207 رنسن جي هدف پويان کيڏندي ملتان سلطانز جي اوپنرن ڪپتان رضُوان 69 ۽ شان مسعود 83 رنسن جي شاندار اوپننگ کيڏي ويا. اهڙي ريت صهيب مقصود  20 ۽ خوشدل شاهه 18 رنسون ٺاهيون ۽ انهن ٻنهي ميڍ کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تھ لاهور قلندر جي شاهين آفريدي 3 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button