ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا اعتراف ڪيو آهي تھ مان 35 سالن جي ٿي وئي آهيان، تنهنڪري رٽائرمينٽ جي اميد رکڻ گهرجي ها. ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ هن ٽينس تان وقت کان اڳ رٽائرمينٽ واري اعلان جا سبب ٻڌائيندي چيو تھ منهنجي گوڏي جون 2 ۽ ڪارائي جي هڪ آپريشن ٿي آهي ۽ هاڻ رڪوري بھ دير لڳي ٿي، ڇاڪاڻ تھ هن عمر ۾ جسم دير سان موٽ ڏئي رهيو آهي. هن چيو تھ ٻار جي امڙ بڻجڻ بعد ترجيحون بدليون آهن، ان ڪري رٽائرميٽ جو اعلان ڪيو. هن چيو تھ منهنجي رٽائرمينٽ جي اعلان تي صحافي پنڊپهڻ ٿي ويا، ڪيترن ئي ماڻهن کي جهٽڪو بھ لڳو. هن چيو تھ شايد مان جسم کان گهڻو ڪم وٺان پئي، اميد ڪيان ٿي تھ ڪو معجزو ٿئي، منهنجو جسم جلد رڪوري ڪرڻ لڳي تھ رٽائرمينٽ جو فيصلو واپس وٺي سگهان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close