رانديون

اسلام آباد يونائيٽڊ 9 وڪيٽن تان پشاور زلمي کي هارائي ڇڏيو

پاڪستان سپر ليگ جي سيزن 7 ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ ايلڪس هيلز جي جارحاڻي راند سبب 9 وڪيٽن تان پشاور زلمي کي هارائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل سيزن 7 جي پنجين ميچ سان اسلام آباد يونائيٽڊ ڪاميابي جو سفر شروع ڪيو، سندن بيٽرن ڇوڪن جي برسات ڪري ڏني. اسلام آباد يونائيٽڊ جو ايلڪس هيلز 13 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 83 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن تھ پال اسٽرلنگ 47 ۽ رحمان اللھ گرباز 27 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ پشاور زلمي جا سمورا بالرن بيٽرن آڏو بيوس نظر پئي آيا. ان کان اڳ پشاور زلمي پهرين کيڏندي 6 وڪيٽن تي 168 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ اسلام آباد 16 اوور ۾ 172 رنسون ٺاهي هڪ وڪيٽ تي هدف ماڻي ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button