ويسٽ انڊيز جي جيسن هولڊر ۽ عقيل حسين جارحاڻي بالنگ ڪرائي انگلش بيٽرن جا هوش خطا ڪري ڇڏيا ۽ ويسٽ انڊيز کي ٽي 20 سيريز ۾ ڪاميابي ڏياري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پنجن ميچن واري ٽي 20 سيريز جي آخري ميچ ۾ ويسٽ انڊيز پهرين کيڏي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 179 رنسون ٺاهي ڇڏيون، بيٽرن مان ڪپتان ڪيرون پولارڊ 41 رنسن ۽ رومين پاويل 35 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا. جڏهن تھ برينڊن ڪنگ 24، ڪائلي مائيرس 31، نڪولس پوران 21 ۽ روميريو شفرڊ 6 رنسون ڪيون. جڏهن تھ انگلينڊ جي ٽيم 20 اوور ۾ 162 رنسون ٺاهي سگهي، سندس بيٽر جيمس ونس 55 ۽ سيم بلنگس 41 ٺاهي بھ مدد نھ ڪري سگهيا، جنهن بعد کين 17 رنسن تان شڪست ملي. ويسٽ انڊيز جي جيسن هولڊر 5 ۽ عقيل حسين 4 شڪار ڪيا، هن ميچ ۾ ويسٽ انڊيز وڏي عرصي بعد ٽي 20 واري پنهنجي پراڻي فارم جي ياد ڏياري ڇڏي. جيسن هولڊر پليئر آف دي سيريز ۽ پليئر آف دي ميچ جا اعزاز ماڻي ورتا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close