
انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي ايونٽ ۾ پنجين پوزيشن ماڻڻ جي مد ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ورلڊ ڪپ جي ايونٽ ۾ بنگلاديش جي ٽيم پهرين کيڏندي 175 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن ۾ سندس بيٽر عارف الاسلام جي سنچري پڻ شامل آهي. جڏهن تھ پاڪستاني ٽيم موٽ ۾ 4 وڪيٽون وڃائي هدف پورو ڪري ڇڏيو ۽ ايونٽ ۾ پنجين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. جڏهن تھ پاڪستان جي حسيب اللھ 79 رنسن جي اننگ کيڏي. عارف السلام کي پلير آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.