
آسٽريليا جي عظيم ڪرڪيٽر آئن چپل ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ جسٽن لينگر جي استعيفا واري تڪرار تي چيو آهي تھ ڪپتان ۽ رانديگر ميچ کٽيندا آهن، ڪوچز جو ڪردار ناهي هوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو تھ لينگر وارو معاملو مزاحيا اسٽيج ناٽڪ جيان آهي، جتي هر ماڻهو رڙيون ڪري رهيو آهي.