
بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ چيٽوگرام چيلنجرز 7 رنسن تان کلنا ٽائيگرس کي هارائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ايونٽ جي اليمنيٽر ميچ ۾ چيٽوگرام چيلنجرز 5 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهي کلنا ٽائيگرس کي 190 رنسن هدف ڏنو، جنهن جي موٽ ۾ کلنا ٽائيگرس جا بيٽر 5 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ چيٽوگرام چيلنجرز جي بيٽر والٽن 89 رنسن سان ٽيم کي ڪاميابي ڏياري، ڪينار ليوس 39 ۽ مهدي حسن 36 رنسون ڪيون. هوڏانهن کلنا ٽائيگرس جي بيٽر اينڊري فليچر 80 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي شاندار اننگ کيڏي کيڏي پر اهي ٽيم کي ڪم نھ آيون.