رانديون

آسٽريليا 6 وڪيٽن تان سريلنڪا کي هارائي ٽي 20 سيريز کٽي ورتي

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽين ميچ ۾ سريلنڪا کي 6 وڪيٽن تان هارائي ٽي 20 سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق پنجن ميچن واري ٽي 20 سيريز ۾ آسٽريليا لاڳيتو ٽن مقابلن ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. جڏهن تھ سريلنڪا پهرين کيڏندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 121 رنسون ٺاهيون، جن ۾ ڊاسن شناڪا 39 رنسن سان نمايان رهيو. جڏهن تھ دنيش چنديمل 25 ۽ پيٿم نشانڪا 16 رنسون ڪيون. اهڙي ريت 122 رنسن جو هدف آسٽريلوي ٽيم 17 اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، جن مان گلين ميڪسويل 39 ۽ ايرون فنچ 35، جوش انگلس 21 رنسن ٺاهيون آهن. بالرن ۾ آسٽريليا جي ڪين رچرڊسن ۽ سريلنڪا جي مهيش ٿڪشانا 3،3 وڪيٽون وٺي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button