

سڊني (اسپورٽس نيوز) ڀارتي وومنز ڪرڪيٽ ٽيم آخري ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا وومنز کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ان جي ڪاميابين جو سلسلو روڪي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ٽن ميچن واري ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ ڀارت 2 وڪيٽن تان آسٽريليا کي شڪست ڏني آهي. ان کان اڳ آسٽريليا وومنز 2 ميچ کٽي چڪي هئي، پر ٽين ۽ آخري ميچ ۾ ڀارتي عورتن شاندار نموني واپسي ڪئي. آسٽريليا جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 264 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ موٽ ۾ ڀارتي وومنز جي ٽيم آخري اوور ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ڪاميابي ماڻي. جڏهن تھ ڀارت جي جهولان گوسوامي ٽي وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ماڻي ورتو آهي.