رانديون

نيوزيلينڊ 482 رنسون ٺاهي ڇڏيون، نڪولس سنچري هڻي ورتي

نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ميچ تي پڪڙ انتهائي مضبوط ڪري ورتي آهي ۽ ٽيم 482 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ سندس بيٽرن مان هينري نڪولس 105 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. اهڙي ريت ٻين بيٽرن مان ٽام بلينڊل 96، ميٽ هينري 58، نيل واگنر 49، ڪولن ڊي گرانڊ هوم 45، رنسون ٺاهيون آهن. هوڏانهن ڏکڻ افريقا جي ٽيم ٻي اننگ اننگ ۾ بھ ڏکيائن جو شڪار آهي، سندس 3 بيٽر رڳو 69 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن، جن ۾ اوپنر ساري ايروي ۽ ڊين ايلگر ٻڙي تي ويا ۽ ايڊن مارڪرم 2 رنسون ٺاهي. جڏهن  تھ هن وقت ٽيمبا بائوما 22 ۽ ريسي وان ڊر ڊوسين 9 رنسن تي کيڏي رهيا آهن. نيوزيلينڊ جي 353 رنسن جي برتري اڃا بھ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button