رانديون

عامر خان کي ڪيل بروڪ ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو

پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان کي سندس ئي ملڪ جي باڪسر ڪيل بروڪ ناڪ آئوٽ ڪري عالمي باڪسنگ فائيٽ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق مانچيسٽر ۾ کيڏيل عالمي باڪسنگ مقابلو پاڪستان ڄائو عامر شڪست کائي ويو آهي.

برطانوي اڪسر ڪاميابي جو جشن ملهائي رهيو آهي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ويلٽر ويٽ فائيٽ ۾ عامر خان کي مخالف ڪيل بروڪ ڇهين رائونڊ ۾ ئي ناڪ آئوٽ ڪري هارايو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ فائيٽ جا 12 رائونڊ طئي ٿيا، عامر جي دفاع ڪرڻ ۾ ناڪامي تي ڇهين رائونڊ ۾ ئي ميچ ختم ڪئي وئي. ان کان اڳ عامر خان هڪ انٽرويو ۾ چيو هو تھ منهنجي ذهن ۾ شڪست جو لفظ ناهي، جيڪڏهن مقابلو هارائي بھ ويس تھ باڪسنگ نھ ڇڏيندس. جڏهن تھ مقابلي بعد هن جو چوڻ هو تھ لڳي ٿو تھ ڪيريئر پڄاڻي ڏي وڃي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button