رانديون

جيمز فاڪنر پي سي بي سان معاهدو ڪندڙ ايجنٽ فارغ ڪري ڇڏيو

پي ايس ايل سيزن 7 ۾ ڪوئٽا گليڊيئٽرز جي نمائندگي ڪندڙ آسٽريلوي ڪرڪيٽر جيمز فاڪنر پي سي بي سان معاهدو ڪرائيندڙ پنهنجي ايجنٽ فارغ ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق جيمز فاڪنر ڏيهه واپسي کان اڳ پنهنجي ايجنٽ لوڪاس کي معاملا نھ سنڀالڻ ۽ گهٽ معاوضو طئي ڪرڻ تي هٽايو آهي. جڏهن تھ ايجنٽ تي پي سي بي سان گهٽ معاوضي تي معاهدو ڪرڻ تي بھ فاڪنر ڪاوڙ ۾ آيو. ذريعن دعوا ڪئي آهي تھ خراب ڪاڪردگي سبب جيمز فاڪنر جي ڪيٽيگري کي گهٽايو ويو هو، جنهن کي معاوضي جي 70 سيڪڙو رقم يڳني 50 هزار ڊالر ڏنا ويا، باقي 15 هزار ڊالر کيس ايونٽ جي پڄاڻي تي ڏيڻا هئا. ذريعن موجب فاڪنر 50 هزار ڊالر آف شور ڪمپني جي اڪائونٽ ۾ رکرايا، بعد ۾ هن ٻيا پيسا بھ گهريا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button