رانديون

سريلنڪا وائيٽ واش کان بچي ويو، آسٽريليا کي شڪست

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم آخري ۽ پنجين ٽي 20 ميچ ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏئي پاڻ کي وائيٽ واش ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 سيريز جي آخري ميچ ۾ آسٽريليا جي ٽيم پهرين کيڏندي 6 وڪيٽون وڃائي 154 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ميٿيو ويڊ 43 رنسن سان نمايان رهيو. جڏهن تھ 155 رنسن جي جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم آخري اوور ۾ هدف ماڻي ميچ کٽي ورتي. گلين ميڪسويل پليئر آف دي سيريز ۽ ڪوشل مينڊس پليئر آف دي ميچ جا اعزاز ماڻيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button