رانديون

ڪيل بروڪ هٿان عبرتناڪ شڪست بعد عامر خان جو باڪسنگ تان رٽائرمينٽ تي غور شروع

مانچسٽر: برطانوي ڄائي پاڪستاني باڪسر عامر خان اهم ترين فائٽ ۾ ڪيل بروڪ هٿان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ رٽائرمينٽ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. باڪسر عامر خان باڪسنگ جي راند تان رٽائرمينٽ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته هو ان حوالي سان پنهنجي گهروارن سان ڳالهائيندو، مان نٿو چاهيان ته باڪسنگ مون کي رٽائرڊ ڪري پر مان باڪسنگ تان رٽائرڊ ٿيڻ چاهيان ٿو.

فائٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو آهي. هن چيو ته هاڻي مان پنهنجي خاندان ۽ ٻارن سان وڌيڪ وقت گذارڻ چاهيان ٿو. ياد رهي ته اڄ مانچسٽر ارينا ۾ کيڏي ويندڙ ويلٽر ويٽ فائٽ ۾ برطانوي مخالف ڪيل بروڪ پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان کي شڪست ڏئي ڇڏي هئي. ڪيل بروڪ جي زبردست ويڙهه عامر خان کي ڇهين رائونڊ ۾ ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button