رانديون

پي سي بي جون آسٽريليا جي دوري کي يادگار بڻائڻ لا تياريون شروع

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 24 سالن کانپوءِ آسٽريليا جي تاريخي دوري کي يادگار بڻائڻ جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ دوري کي يادگار بڻائڻ لاءِ رٿابندي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان ٽيسٽ سيريز جي ٽن هنڌن تي اهم شخصيتن کي به دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٽيسٽ سيريز جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ لا اعلى حڪومتي شخصيتين کي به دعوت ڏني ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 24 سال اڳ آسٽريليا خلاف هوم سيريز کيڏندڙ رانديگرن کي به طلب ڪيو ويندو، اڳوڻي ڪرڪيٽرن کي به راولپنڊي، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٽيسٽ ميچن لاءِ طلب ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تاريخي دوري جي حوالي سان جلد تعميراتي مهم شروع ڪندو جيڪا پاڪستان سپر ليگ جي ڪري اڃا تائين شروع نه ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button