رانديون

آسٽريليا جو پاڪستان اچڻ ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ تمام ضروري آهي: بين ڊنڪ

ڪراچي: آسٽريلوي ڪرڪيٽر بين ڊنڪ پاڪستاني مداحن طرفان مليل پيار کي پنهنجي زندگي جو بهترين لمحو قرار ڏنو آهي. هڪ نجي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ بين ڊڪ چيو ته آسٽريلوي ٽيم جو پاڪستان اچڻ ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ تمام ضروري آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي بقا لاءِ وڏين ٽيمن لاءِ ون ڊي سيريز کيڏڻ ضروري آهي، جڏهن ته اها سيريز ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي مداحن لاءِ هڪ بهترين تحفو ثابت ٿيندي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ميچ ٻن بهترين ٽيمن وچ ۾ ٿيندي، ڪجهه رانديگرن سان پاڪستان جي حالتن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، برصغير​جي موجوده حالتن ۾ کيڏڻ آسٽريليا لاءِ چئلينج هوندو. آسٽريلوي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪوچ جي حيثيت سان پنهنجي ڪردار مان لطف اندوز ٿي رهيو آهيان، قلندرز ٽيم هن وقت بهترين ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي، فخر زمان تمام گهڻي محنت ڪري پنهنجي راند جو انداز بهتر ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button