رانديون

ايروي جي سنچري، ڏکڻ آفريقا نيوزيلينڊ خلاف 238 رنسون ٺاهي ورتيون

ڏکڻ آفريقا نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏهاڙي 3 وڪيٽن جي نقصان تي 238 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن دوران ڪپتان ڊين ايلگر 41، ايڊن مارڪرم 42 ۽ ساري ايروي 108 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ راند ختم ٿيڻ تائين ريسي وان ڊر ڊوسين 13 ۽ ٽيمبا بائوما 23 رنسن سان پچ تي موجود آهن. نيوزيلينڊ جي بالرن مان ٽم سائودي، ميٽ هينري ۽ نيل واگنر هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button