ويمن ورلڊ ڪپ جا مقابلا باضابطا طور تي سڀاڻي کان شروع ٿي رهيا آهن، جنهن جي پهرين ميچ نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ صوفي ڊوائين ۽ ويسٽ انڊيز اسٽيفني ٽيلر جي ڪپتاني ۾ ورلڊ ڪپ جو سفر ڪاميابي سان ڪرڻ جو عزم ڏيکاري ڇڏيو آهي.
امڪان آهي تھ مضبوط ٽيم هجڻ ڪري پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ فتح حاصل ڪري وٺي. جڏهن تھ پاڪستاني ويمن ٽيم ٽاورنگا پهچي وئي آهي.