ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ويرات ڪوهلي اڄ کان شروع ٿيندڙ سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ جو حصو بڻجي ويو آهي، جنهن سان هو ڪيريئر جي 100 ٽيسٽ کيڏندو. ميڊيا مطابق بي سي سي آئي پاران اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي آرام ڏيڻ بدران اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي. هوڏانهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت ويرات ڪوهلي کي اي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي. جڏهن تھ ڇتيش پوجارا، اجنڪيا راهني ۽ ايشانت شرما اي مان هيٺ آڻي بي ڪيٽيگري جي ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close