رانديون

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ تاريخي ٽيسٽ شروع، امام الحق سنچري هڻي ويو

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ تاريخي ٽيسٽ ميچ جي شروعات ٿي وئي آهي، جنهن ۾ پهرين ڏينهن تي پاڪستاني بيٽر امام الحق ڀرپور نموني سان راند کيڏندي سنچري هڻي ويو آهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن بعد راولپنڊي جي اسٽيڊيم ۾ پهرين ٽيسٽ کيڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابراعظم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو سندن حق ۾ بهتر ثابت ٿيو. جڏهن تھ پاڪستان پهرئين ڏينهن 245 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، اوپنر عبداللھ شفيق 107 بال کيڏي 44 رنسن تي نيٿن ليان جي بال تي پنهنجي وڪيٽ وڃائي ڇڏي، جنهن بعد اظهر علي امام الحق جو ڀرپور نموني ساٿ ڏنو ۽ ٻئي راند جو وقت ختم ٿيڻ تائين پچ تي موجود رهيا. امام الحق آسٽريلوي بالرن جو مقابلو ڪندي 15 چوڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 132 رنسون ٺاهيون آهن. جڏهن تھ اظهر علي ڀرپور راند کيڏندي 4 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 64 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. هوڏانهن پاڪستان جي بيٽرن مان ڪپتان بابراعظم، فواد عالم، محمد رضوان، افتخار احمد ۽ ٻيا بيٽنگ جي انتظار ۾ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button